پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن تي پوليس چڙهائي جي مذمت

Bilawal-Bhutto-271016

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته،ڪنهن کي به جمهوري حق استعمال ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته،عورتن سان بدتميزي حڪومت جي وائڙائپ جي نشاني آهي، پوليس کي  عورتن تي تشدد بدران امن امان جي صورتحال تي ڌيان  ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته،حڪومت کي برداشت ۽ سهپ کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽  جمهوري قدرن کي اهميت ڏئي.

بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو جمهوري عمل کي روڪڻ جي مذمت ڪري ٿو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*