قبو سعيد خان ۾ ٺيڪيدار جي مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

قبو سعيد خان ۾ ٺيڪيدار جي مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٺيڪيدار جي مبينا ڪرپشن خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن قبو سعيد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي آصف علي کوسو، امتياز علي مگسي، حميد سنڌي ۽ ٻين چيو ته ٺيڪيدار مير حسن ٻرڙو گرلس هاءِ اسڪول جي مرمتي ڪم دوران ناقص ميٽيريل استعمال ڪري لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مقامي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي وڃي، ٻي يورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*