قومي هاڪي ٽيم ايشين چيمپيئنز هاڪي ٽرافي ۾ چين جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

Pakistan-Hockey-Match-281016

قومي هاڪي ٽيم ايشين چيمپيئنز هاڪي ٽرافي ۾ چين جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ملائيشيا جي شهر ڪوانٽن ۾ جاري ايشين چيميپئنز هاڪي ٽرافي جي اهم ميچ ۾ قومي هاڪي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

ميچ جي پهرين ڪوارٽر ۾ ڪابه ٽيم گول اسڪور ڪرڻ ۾ڪامياب نه ٿي سگهي.

ميچ جي ٻئن ۽ٽيئن ڪوارٽر ۾ پاڪستان پاران عبدالحسيم خان گول اسڪور ڪيا.

ميچ جي چوٿين ڪوارٽر ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن مخالف ٽيم جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪيا،جنهن ۾ پهرين علي شان بعد ۾ محمد عرفان جونيئر گول اسڪور ڪري برتري ٻڙي جي ڀيٽ ۾ چار گولن جي ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽اهڙي طرح قومي هاڪي ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ  ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*