پاڪستان ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف

Misbah-Pakistan-Team-Test-131016

پاڪستان ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ٽن ٽيسٽ  ميچز تي ٻڌل سيريز  جي پهرين ٽيسٽ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هئي، جنهن ۾ قومي ٽيم 56رنز تان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏني،جنهن ۾ ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 133رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٽين ٽيسٽ ميچ 30تاريخ تي شارجه ۾ رٿيل آهي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

تيارين واري سلسلي ۾ ٽيم فزيڪل فٽنس سان گڏ فيلڊنگ ۽نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان سرفراز احمد جي قيادت ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي وائِيٽ واش شڪست ڏني، جنهن بعد اظهر علي جي قيادت ۾ قومي ٽيم مخالف ٽيم کي وائيٽ واش ڪيو ۽هاڻي ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرين شرٽس جي ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ به ويسٽ انڊيز کي وائيٽ واش ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*