سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ ڇهين ٽيپ بال ٽينس چيميپئن شپ شروع ٿي وئي

Tando-Jam-Cricket-281016

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ ڇهين ٽيپ بال ٽينس چيميپئن شپ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾مجموعي طور تي 40 ٽيمن شرڪت ڪئي آهي.

ٽيپ بال چيمپيئن شپ جو افتتاح سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي بال کي هٽ هڻي ڪيو.

پهرين ڏينهن ٽيپ بال چيمپيئنز شپ ۾ ٻن ميچز جو فيصلو ٿيو، جنهن جي پهرين ميچ ۾ صدام شر انجينيئرنگ اليون جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ڊي وي ايم جي ٽيم کي شڪست ڏني.

چيمپيئنز شپ جي ٻي ميچ احمد خانزاده سي پي ٽي ۽ سي پي ٽي جي ٽيمن وچ ۾کيڏي وئي، جنهن ۾ ڪاميابي سي پي ٽي جي حاصل ڪئي.

افتتاحي تقريب دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي چيو ته شاگردن کي تعليم سان گڏ راندين ۾ حصو وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو صحت مند معاشري ۽تعليمي ادارن لاءِ ضروري آهن.

هن چيو ته جنهن شهر جا گرائونڊ آباد هوندا آهن، ان شهر جون اسپتالون ويران هوندِِيون آهن.

ان موقعي تي دلچسپ ميچز کي ڏسڻ لاءِتماشائين جو وڏي انگ گرائونڊ ۾ موجود هو،جن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي رانديگرن کي داد ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*