دهشتگرد ڪيتريون به ڪارروائيون ڪن پر پاڪستاني ٻارڙن جي حوصلن کي ٽوڙي نٿا سگهن ڊاڪٽر فاروق ستار

ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته دهشتگرد ڪيتريون به ڪارروائيون ڪن پر پاڪستاني ٻارڙن جي حوصلن کي ٽوڙي نٿا سگهن.

ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ ميمرن جي وفد پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪري ٻارڙن ۽ سندن وارثن سان به ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ٻارڙن کي شهيدن ڪندڙن جو اسلام سان ڪوبه واسطو ناهي

 هن چيو ته دهشتگرد ڪيتريون به ڪارروايون ڪن پر پاڪستاني ٻارڙن جي حوصلا بلند ۽ سندن مستقبل روشن آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*