مس فلپائن ڪيلي ورسوزا مس انٽرنيشنل چونڊجڻ بعد سوشل ميڊيا تي به ڇائنجي وئي آهي ۽ هر پاسي کان کيس مبارڪباد جا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا آهن

Miss-Philippines-crowned-Miss-International-2016-in-Tokyo---281016

مس فلپائن ڪيلي ورسوزا مس انٽرنيشنل چونڊجڻ بعد سوشل ميڊيا تي به ڇائنجي وئي آهي ۽ هر پاسي کان کيس مبارڪباد جا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا آهن.

جاپاني راڄڌاني ٽوڪيو ۾ مس انٽرنيشنل 2016 جي مقابلي دوران مس فلپائن ڪيلي ورسوزا سونهن جو تاج ماڻيو ته سندس خوشي ڏسڻ  وٽان  هئي.

56 هين مس انٽرنيشنل 2016 ۾ 69 ملڪن جي سندرين حصو ورتو هو، پر فلپائن جي 24 سالن جي استاد ۽ ماڊل ڪيلي ورسوزا سڀني کي پوئتي ڇڏي سونهن جو تاج ماڻيو.

مس انٽرنيشنل چونڊجڻ بعد ڪيلي ورسوزا جو چوڻ هو ته کيس ايڏي وڏي ڪاميابي تي يقين ئي نٿو اچي ۽ ڪاميابي جو سبب سندس ڪٽنب آهي، جنهن جي مدد کانسواءِ هوءَ هن مقابلي تائين به نه پئي پهچي سگهي، انڪري هوءَ پنهنجي والدين جي ٿورائتي آهي.

مس انٽرنيشنل چونڊجڻ بعد ورسوزا کي سوشل ميڊيا تي مبارڪباد جا پيغام ملڻ شروع ٿيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ئي هوءَ ٽوئٽر تي ٽرينڊ ڪرڻ لڳي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*