هالي ووڊ جي سپر هيرو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آسان نه آهي، ان لاءِ اداڪارن کي سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي، “ڊاڪٽر اسٽرينج” جي اداڪارن به اهڙين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪرائي

DOCTORSTRANGE-281017

هالي ووڊ جي سپر هيرو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آسان نه آهي، ان لاءِ اداڪارن کي سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي، “ڊاڪٽر اسٽرينج” جي اداڪارن به اهڙين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪرائي.

فلم ۾ ڊاڪٽر اسٽيفن اسٽرينج جو ڪردار نڀائيندڙ برطانوي اداڪار بينيڊڪٽ ڪمبرباچ توڙي ٽِلڊا سوِينٽن به ڊائيٽ سان گڏ تبتي ڀڪشوءَ کان تربيت به ورتي.

ڊاڪٽر اسٽرينج اهڙي نيورو سرجن جي ڪهاڻي آهي جيڪو هڪ ڪار حادثي ۾ ٻئي هٿ وڃائي ويهي ٿو، ڊاڪٽر متبادل دوا جي ڳولا ڪري ٿو پر ان بدران کيس جادوئي طاقتون ملي وڃن ٿيون ۽ هو ڌرتي جو محافظ بڻجي وڃي ٿو.

بينيڊڪٽ ڪمبرباچ فلم جي شوٽنگ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪردار ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ لاءِ کيس ڊائيٽ به ڪرڻي پئي ته تربيت سان گڏ ڪامڪس بوڪس تي تحقيق به ڪئي.

ڊاڪٽر اسٽرينج جي سرپرست جو ڪردار نڀائيندڙ ٽِلڊا سوِينٽن جو چوڻ هو ته کين تبتي ڀڪشوءَ شعوري طور چوڪس رهڻ جي تربيت ڏني ۽ سڄي پروجيڪٽ دوران ساڻن گڏ رهيو.

اسڪاٽ ڊيرڪسن جي ڊائريڪشن ۾ ٺاهيل فلم “ڊاڪٽر اسٽرينج” امريڪي سينيما گهرن ۾ 4 نومبر کان نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*