پاپ سنگر ماريا ڪيري ۽ سندس مڱيندي جيمز پيڪر جي ڌار ٿيڻ جون خبرون ميڊيا ۾ پکڙيل آهن پر جوڙي پاران ڪوبه موقف سامهون نه آيو آهي

Mariah-Carey's-engagement--281016

پاپ سنگر ماريا ڪيري ۽ سندس مڱيندي جيمز پيڪر جي ڌار ٿيڻ جون خبرون ميڊيا ۾ پکڙيل آهن پر جوڙي پاران ڪوبه موقف سامهون نه آيو آهي.

آسٽريلوي بزنسمين جيمز پيڪر ۽ امريڪي پاپ سنگر ماريا ڪيري هلندڙ سال جنوري ۾ مڱڻي جو اعلان ڪيو هو ۽ جوڙو پهريون ڀيرو لاس اينجلس ۾ هڪ تقريب دوران گڏجي منظر عام تي آيو هو، تقريب ۾ ماريا ڪيري کي مڱڻي جي منڊي پاتل هئي، جيڪا 35 قيراط هيري جي هئي.

24 ڪلاڪن کان ميڊيا تي اهڙيون خبرون پکڙيل هئڻ باجود پاپ سنگر توڙي سندس مڱيندي پاران ڪابه ترديد نه ڪئي وئي آهي، پر امريڪي ٽي وي شو پاران ماريا ڪيري جي نمائندي جو مبينا بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته جوڙو معاملي جي حل جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

ماريا جي نمائندي موجب اڃا تائين اهو واضح نه آهي ته ماريا ۽ سندس مڱيندو گڏ رهندا يا نه پر اهي پنهنجي مستقبل بابت جلد بيان جاري ڪندا.

رائٽرز موجب ماريا ڪيري جي نمائندي سان رابطو ڪرڻ تي هن اهڙي ڪنهن به بيان جاري ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته بي ڊبليو آر ئي ماريا جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ جيڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي اهو انهن مان ڪنهن جو نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*