سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر تائين صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي

cm in lums

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر تائين صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته مڪاني ادارن کي قانون مطابق اختيار ڏنا ويندا، احتجاج ڪرڻ هر پارٽي جو جمهوري حق آهي، پر امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ته پوءِ ايڪشن کڻڻو پوندو آهي.

حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ نويد قمر سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته امن امان صوبائي مسئلو آهي، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سموريون ايجنسيون سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن.

وڏي وزير چيو ته سي پيڪ منصوبي جي خلاف ناهيون، پر ڪجهه معاملن تي خدشا  آهن، ڪي ٽي بندر ۽ صنعتي زون کي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ نومبر ۾ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ميٽنگ ۾ ڳالهايو ويندو.

 وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن کي نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي ڏئي رهيا آهيون، ذاتي طور ڪنهن به نوڪري مان فارغ ڪرڻ جو ارادو ناهي.

وڏي وزير سومر تائين صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو ته بلدياتي ادارن کي قانون مطابق اختيار ڏنا ويندا.

سيد مراد علي شاهه چيو ته احتجاج پي ٽي آءِ جو جمهوري حق آهي، پر احتجاج سان عوام کي تڪليف نه  پهچڻ گهرجي.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پوليس جي  اڳ ئي کوٽ آهي، پوليس کي اسلام آباد موڪلڻ جو ڪوبه ارادو ناهي.

ان کان پهرين وڏي وزير ڪوٽڙي ۾ هڪ آجياڻي ۾شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ڪوٽڙي اور هيڊ برج سيوهڻ انڊس هاءِ کي ڊبل ڪرائڻ جو ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو.

وڏي وزير چيو ته تعليم کاتي  کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي تعليم کي وڏي هٿي ملندي.

ان کان اڳ وڏي وزير ڄامشور لمس ۾ ڊينٽل انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون اوليت جي بنياد تي فراهم ڪيون وينديون.

وڏي وزير چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ به صحت جي حوالي سان ڪافي شيون شامل آهن، جنهن سان عوام جا صحت جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.

وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ دير ٿيڻ واري معاملي تي وفاق سان ڳالهائينداسين ۽ سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ جا سمورا معاملا  اٿاريا ويندا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج ڪرڻ ان جو جمهوري حق آهي، جنهن کي نٿو دٻائي سگهجي، تحريڪ انصاف جيڪڏهن سنڌ ۾ احتجاج ڪري ته کين نه روڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ سرحدي پٽي تان ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ بلوچستان سرڪار سان گڏجي ڪم آپريشن ڪيو ويندو.

 وڏي وزير وڌيڪ چيو ته لمس جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي 5 هزار رپيا ماهوار وظيفو شروع ڪيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*