اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن دوران پوليس جي لٺباري ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ قيادت جي سڏ تي پوري ملڪ سميت سنڌ ۾ به ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

Sindh-PTI-Protest-281016

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن دوران پوليس جي لٺباري ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ قيادت جي سڏ تي پوري ملڪ سميت سنڌ ۾ به ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا  ڪيا پيا وڃن.

ڪارڪنن تي لٺباري، ۽ گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن پارن اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوهاٽ، ميانوالي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي  مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ پي ٽي آءِ طرفان شهيد ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، ان دوران وفاقي سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ٺل، کپرو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

ساماري ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي ۽ حسين مڱريو جي اڳواڻيءَ ۾ شاهه لطيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*