ريلوي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون خواجه سعد رفيق

ريلوي واري وفاقي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته گستاخانا خاڪا شايع ٿيڻ سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، ان عمل جي جيتري مزمت ڪجي گهٽ آهي.

قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ريلوي جون بليڪ تي ٽڪيٽون وڪرو ٿيڻ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد مان مسافرن شڪايتون ڪيون آهن، بليڪ تي ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، مسافرن پاران ٽڪيٽون  واپس ڪرڻ وارو سسٽم به وڌيڪ آسان  ڪيو ويندو.

 خواجه سعد رفيق چيو ته يورپي ملڪن ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سان پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿي رهي آهي، اهڙي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*