بدين ۾ ڦر مزاحمت دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ واپاري قتل شهر ۾ شٽربند هڙتال

بدين ۾ ڦر مزاحمت دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ واپاري قتل ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، واقعي خلاف واپارين شٽربند هڙتال ڪري لاش ايس پي آفيس آڏو رکي ڌرڻو هنيو.

بدين جي غريب آباد واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٽن اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ واپاري عبدالشڪور کٽي ۽ رمضان مندرو زخمي ٿي پيا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي واپاري عبدالشڪور کٽي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته رمضان مندرو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي بعد شهر مڪمل طور بند ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن ۽ واپارين لاش ايس پي آفيس آڏو رکي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*