پنو عاقل تعلقي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

pano akil

پنو عاقل تعلقي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پ  پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن نيڪ محمد ڪورائي، اسحاق جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته پنو عاقل تعلي جي سموري سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ڊاڪٽر پنهنجون پرائيوٽ ڪلينڪس هلائڻ ۾ رڌل آهن.

هنن چيو ته اسپتالن لاءِ مليل دوائون ڊاڪٽرز ۽ عملدار ملي ڀڳت ڪري پرائيوٽ اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري مريضن دوائون لاءِ در بدر آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪري ڊاڪٽرز کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*