جماعت اسلامي فرانس جي رسالي پاران ٻيهر گستاخ خاڪا ڇاپڻ خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

جماعت اسلامي فرانس جي رسالي پاران ٻيهر گستاخ خاڪا ڇاپڻ خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، توهين آميز خاڪن خلاف پنجاب اسيمبلي کان سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جماعت اسلامي، فرانسيسي ميگزين پاران گستاخ خاڪا ڇاپڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

توهين آميز خاڪن خلاف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي پاران پنجاب اسيمبلي کان آمريڪي قونصل خاني تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ هزارين ماڻهن شريڪ ٿي اهڙي گُٿي عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ گڏيل قومن توڙي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هوڏ ۾ گستاخي ڪندڙ رسالي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*