لاڙڪاڻي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي فوت ٿي ويل ملازمن جي پينشن نه ملڻ خلاف سندس بيواهه پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana vilager

لاڙڪاڻي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي فوت ٿي ويل ملازمن جي پينشن نه ملڻ خلاف سندس بيواهه پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  ڳوٺ ڀيڏا جي رهواسڻ عورت مسمات غلام زرينا ميراڻي پنهنجي ٻارڙن سميت  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عورت ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سندس مڙس بپلڪ هيلٿ کاتي ۾ ملازم هو، ۽ سندس فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ چئن مهينن کان کين پينشن جي رقم نه ملي آهي.

هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جو  اي سي مقرر نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي فوتي مڙس جي پينشن روڪي وئي آهي، جنهن ڪري هو معاشي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوتي مڙس جي فوري طور پينشن جي رقم جاري ڪري انصاف ڪيو وڃـي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*