سکر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان وقار ڀٽو جي وارثن ۽ ڀٽا برادري پاران احتجاج ڪندي

suk

سکر پوليس هٿان مبينا مقابلي  ۾ مارجي ويل نوجوان وقار ڀٽو جي وارثن ۽ ڀٽا برادري پاران احتجاج ڪندي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.

وقار ڀٽو جي وارثن عبدالمنان ڀٽو، وحيد علي ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته سکر پوليس انجنيئر وقار ڀٽو کي بيگناهه ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي، پر پوليس خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.

هنن چيو ته آءِ جي پاران جاچ ٽيم قائم ٿي پر مهينو گّذرڻ باوجود رپورٽ سامهون ناهي  اڇي سگهي، جنهن ڪر ي وارث انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان وقار ڀٽو کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*