پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم پاڻ کي اميرالمومنين سڏائي رهيو آهي

bilawal asim

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم پاڻ کي اميرالمومنين سڏائي رهيو آهي، وفاقي سرڪار ڪراچي کي ٽارگيٽ بڻائي رهي آهي، قومي ايڪشن پلان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ايڪشن پلان تي حڪومت جي حمايت ڪجي يا نه اڄ پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال پهچي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت ڪئي.

ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين سياسي قيدي آهي ۽ وفاقي سرڪار کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، پر ياد رکڻ گهرجي ته پ پ وارا ڊڄڻ وارا نه آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم پاڻ کي اميرالمومنين سمجهي رهيو آهي ۽ وفاقي سرڪار ڪراچي کي ٽارگيٽ بڻائي رهي آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته قومي ايڪشن پلان تي حڪومت جي حمايت جاري رکجي يا نه ان بابت اڄوڪي پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  هو وزير اعظم نواز شريف کان پڇڻ ٿا چاهين ته سندس حمايت ڇو ڪيون ۽ هو اهو به ڄاڻڻ چاهين ٿا ته ڇا اسان دهشتگردي خلاف وڙهڻ چاهيون به ٿا يا نه ؟.

پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري ڌرڻي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو رڳو ايترو چيو ته کلاڙي صاحب هي راند نه پر قومي مفادن جو معاملو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*