خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ صوبي جي عوام کي سڀاڻي صوابي موٽري وي ٽي پهچڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي

pervez khatak

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ صوبي جي عوام کي سڀاڻي صوابي موٽري وي ٽي پهچڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته صوبي جي عوام جا رستا بند ڪيا ويا ته عوام پاڻ رستا ٺاهيندو، جيڪڏهن سندس رستا روڪ ڪئي وئي ته پوءِ نواز شريف به ڪي پي ڪي نه اچي سگهندو.

صوبي انٽر چينج تي پهچي بند ڪيل موٽر وي جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته عوام خزاني جي چوري تي وزيراعظم جي کيسن جي تلاشي وٺڻ چاهي ٿو، تلاشي ڏئي جيڪڏهن چوري جو  مال نه نڪتو ته هو شرمندا ٿي واپس ٿي ويندا.

هن چيو ته صوبي جا رستا بند ڪرڻ غير آئيني قدم آهي،  ڇا ڪي پي جا رستا بلاڪ ڪرڻ  آئيني ۽ اسلام آباد بند ڪرڻ  غيرآئيني آهي؟

پرويز خٽڪ چيو ته ننڍن صوبن کي حق نه ٿا ملن ، رستابند ڪيا ويا آهن، حق گهرڻ تي کين غدار چيو وڃي ٿو، ڇا هو باغي ٿي ڪو ٻيون نعرو هڻن.

 هن چيو ته سڀاڻي رستانه کوليا ويا ته پاڻ رستا ٺاهينداسين، الزامن جو حساب ملڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، عوام جي حقن لاءِ نه ڳالهائي سگهان ته پوءِ اهڙي عهدي کي ڇاڪريان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*