مسلم ليگ نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي اپيل ڪئي آهي

isb-h

مسلم ليگ نواز   اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي اپيل ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف کي اسلام آباد بند ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

نواز ليگ جي چونڊيل نمائندن نعيم گجر ۽ قاضي عادل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ اسلام آباد بند ڪرائڻ چاهي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد بند ٿيڻ سان  شهرين جا حق متاثر ٿيندا ۽ شهري اسپتال به نه وڃي سگهندا، ان ڪري پي ٽي آءِ کي اسلام آباد کي بند ڪرڻ کان روڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*