تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته درٻارين جي استيعفائن کي قبول نه ڪيو

PTI-IMran-Khan2-291016

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته درٻارين جي استيعفائن کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، درٻارين کي هاڻ ڏڪڻي وٺي ويئي آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کان قلمدان واپس وٺڻ واري معاملي تي سماجي ويبسائيٽ تي ردعمل ظاهر ڪيو.

عمران خان چيو ته، هڪ درٻاري کي هٽايو ويو ۽ ٻيو فرار ٿي ويو، باقي درٻارين کي ڏڪڻي وٺي وئي آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته درٻارين جي استعيفائن کي قبول نه ڪيو ويندو، وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*