وزيراعظم نواز شريف, سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويزرشيد کي نيوز گيٽ معاملي تي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

Pervaiz-Rasheed-27816

وزيراعظم نواز شريف, سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويزرشيد کي نيوز گيٽ معاملي تي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، سرڪاري پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته،انگريز اخبار ۾ ڇپيل خبر قومي سلامتي جي خلاف هئي، معاملي جي جاچ لاءِ ايجنسين جي عهديدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سرڪاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ، وزيراعظم نواز شريف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي  نيوز گيٽ معاملي تان عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

پڌرائي موجب  موجود ثبوتن موجب  وفاقي وزير پرويز رشيد  اهم معاملي تي ڪوتاهي ڪئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرويز رشيد کي آزاد جاچ لاءِ عهدو ڇڏڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن.

بيان موجب وفاقي وزير انگريز اخبار ۾ شايع ٿيل خبر قومي سلامتي لاءِ نقصانڪار هئي ۽ شاهدين موجب پرويز رشيد انهي معاملي ۾ ڪوتاهي جو مظاهرو ڪيو هو، تنهن ڪري معاملي جي آزاداڻي جاچ لاءِ سُڌ سماءَ واري وزير کي عهدو ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، معاملي جي جاچ لاءِ پوليس ۽ ايجنسين جي عهديدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا عهديدار شامل هوندا.

بيان موجب، جاچ ڪميٽي الزامن جي جاچ ڪرڻ سان گڏ خبر جي مفادن ۽ مقصدن جي به نشاندهي ڪندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*