ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ مجلس تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڀائرن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Nazimabad-Firing-291016

ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ مجلس تي هٿياربندن  جي فائرنگ  ۾  3 ڀائرن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وڏي وزير  ۽ آءِ جي سنڌ  واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.

پوليس موجب ناظم آباد 4نمبر ۾ گهر ٻاهران جاري مجلس تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  4 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ 3عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ زخمي زخمن جا سورنه سهندي اسپتال نيندي فوت ٿي ويو.

شهيد ٿيلن ۾ 3 ڀائر طاهر عباس، ناصر عباس، باقر عباس ۽ جعفر شامل آهن.

واقعي واري هنڌ موجود  ماڻهن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال  منتقل ڪيو .

پوليس موجب هٿياربندن نائين ايم ايم پسٽل سان فائرنگ ڪئي ۽ واقعي واري هنڌ تان 13 گولين جا خول مليا آهن.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه  چيو آهي ته مجلس بابت پوليس کي اڳواٽ اطلاع نه ڏنو ويو هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير مجلس تي فائرنگ ڪندڙ  جوابدارن جي  فوري گرفتاري جي هدايت ڪئي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به مجلس تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*