ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي سڏ تي اڄ پي ٽي آءِ ڪارڪن سموريون رنڊڪون ٽوڙي بني گالا پهچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا

pti

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي سڏ تي اڄ پي ٽي آءِ ڪارڪن سموريون رنڊڪون ٽوڙي بني گالا پهچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا، پنجاب پوليس تحريڪ انصاف خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪندي وڌيڪ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، لاهور ۾ ق ليگ اڳواڻ ڪامل علي آغا جي گهر تي ڇاپي دوران ٽن ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پي ٽي آءِ ڪارڪن خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي سڏ تي اڄ عمران خان کي بني گالا واري رهائشگاهه کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اسلام آباد پهچندا جنهن دوران پوليس سان مزاحمت ٿيڻ جو امڪان آهي.

پوليس ڪنهن به امڪاني ڇڪتاڻ  سبب گذريل رات پنجاب جي مختلف شهرن لاهور، ملتان، فيصل آباد، مظفر ڳڙهه، سيالڪوٽ، لوڌران، شيخوپوره ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

اداڪار ڪاشف محمود کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، شيخپوره جي مختلف علائقن مان 18 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ڪامونڪي مان پي ٽي آءِ جي ٻن ڪائونسلرن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن خلاف امن ۾ خلل وجهڻ جو ڪيس داخل ڪري کين ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ق ليگ اڳواڻ ڪامل علي آغا جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران ٽن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

قاف ليگ جي ترجمان چيو آهي ته ڪامل علي آغا ڇاپي دوران گهر ۾ موجود نه هو، ان ڪري گرفتاري کان بچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*