ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جِي ڪارروائي دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو

Rangers-11816

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جِي ڪارروائي دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو، شهر جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

سي ٽي ڊي موجب باغ ِ ڪورنگي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو.

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٽارگيٽ ڪلر قتل سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث هو، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا.

پاپوش نگر ۽ مجاهد ڪالوني ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪري 25 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

شاهه فيصل ٽائون ۾ رينجرز ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري مخصوص گهرن جي جهڙتي ورتي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن انتهائي گهربل ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*