سروس ٽربيونل پاران سنڌ ريزرو پوليس جي بحال ڪيل اهلڪارن جوائننگ ليٽر نه ملڻ خلاف ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي

police pro

سروس ٽربيونل پاران سنڌ ريزرو پوليس جي بحال ڪيل اهلڪارن جوائننگ ليٽر نه ملڻ خلاف ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي.

سنڌ ريزرو پوليس مان برطرفي کانپوءِ سروس ٽربيونل پاران بحال ڪيل 174 اهلڪارن جوائننگ ليٽر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 25 آڪٽوبر تي سنڌ سروس ٽربيونل ريزرو پوليس مان برطرف ڪيل 993 اهلڪارن مان 174 اهلڪارن کي بحال ڪيو پر کين جوائننگ نه ملي رهي آهي.

هنن چيو ته هــُو ڪيترائي ڀيرا آءِ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي چڪا آهن پر کين جواننگ نه پئي ڪرائي وڃي.

هنن چتاءُ ڏنو ته بحال ڪيل اهلڪارن کي جوائننگ ليٽر جاري نه ڪيا ويا ته سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*