سپريم ڪورٽ، موت جي سزا ٻڌايل ذهني مريض قيدي جي سزا تي فوري طور عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ،  موت جي سزا ٻڌايل ذهني مريض قيدي جي سزا تي فوري طور عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته قيدي جي ذهني حالت درست ناهي، کيس ڦاهي تي لٽڪائي نٿو سگهجي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ موت جي سزا ٻڌايل قيدي امداد علي جي  گهر واري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته امداد علي جي ذهني حالت درست ناهي، سندس طبيعت ٺيڪ ٿيڻ تائين کيس ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي.

چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار جي ڦاهي واري فيصلي تي عملدرآمد ٿي ويو آهي؟، عدالت ڪنهن به ذهني مريض سوليءَ تي لٽڪائڻ جي اجازت نه ڏيندي.

سپريم ڪورٽ جوابدار جي ڦاهي واري سزا تي فوري طور عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*