سپريم ڪورٽ بار جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پروفيشنل گروپ جي رشيد اي رضوي ۽ آزاد گروپ
سپريم ڪورٽ بار جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پروفيشنل گروپ جي رشيد اي رضوي ۽ آزاد گروپ جي فاروق ايڇ نائيڪ وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ 4 سئو 84 ووٽرز لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن.
سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن لاءِ پولنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
صدر جي چونڊ لاءِ پروفيشنل گروپ جي رشيد اي رضوي ۽ آزاد گروپ جي فاروق ايڇ نائيڪ وچ ۾ مقابلو آهي، جڏهن ته نائب صدر لاءِ غلام شبير شر، محمد حيات ۽ شڪيل احمد بيٺل آهن.
چونڊن ۾ اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ لاهور سميت مختلف شهرن ۾ 40 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ پولنگز قائم ٿيل آهن.
سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ 2 هزار 951 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جن مان سنڌ اندر 485 ووٽرز آهن.