سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي فدا حسين شاهه

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي فدا حسين شاهه ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 21 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ٻين پوليس آفيسرن جو معاملو فدا حسين شاهه ۽ تنوير طاهر کان ڌار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي نيب جي جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس فنڊز ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيو.

نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي فنانس فدا حسين شآهه ۽ ايڊيشنل آءِ جي لاجسٽڪ تنوير احمد طاهر خلاف ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻن آفيسرن 15-2014ع ۾ سڪيورٽي جي نالي تي ساڍا 7 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ جعلي بلز ذريعي قومي ناڻي کي 5 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو.

عدالت اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي فدا حسين شاهه، تنوير طاهر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 21 نومبر تائين واڌ ڪندي ايندڙ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي نيب جي جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته ٻين پوليس آفيسرن جو معاملو اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي فدا حسين شاهه ۽ تنوير طاهر کان ڌار ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*