ڪنڊيارو ۾ پوليس اهلڪار پاران مبينا طور نشي واري حالت ۾ گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ خلاف متاثر

kandiyro police pro

ڪنڊيارو ۾ پوليس اهلڪار پاران مبينا طور نشي واري حالت ۾ گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ خلاف متاثر ڌر پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ جمن پنهور جي رهواسي ڪٽنب ڪنڊيارو ٿاڻي جي اهلڪار علي مراد پنهور خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪنڊيارو ٿاڻي جي پوليس اهلڪار علي مراد پنهور نشي واري حالت ۾ فريد پنهور جي  گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هنن چيو ته پوليس اهلڪار خلاف ٿاڻي تي شڪايت درج ڪرائي وئي آهي، پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نشي واري حالت ۾ عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪندڙ اهلڪار خلاف سخت ڪارروائي ڪري سانڻ انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*