سنڌ سميت سموري دنيا ۾ هندو برادري پاران ٻئي ڏينهن به ڏياري جو ڏڻ ڌرمي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

jacabad dewali

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ هندو برادري پاران ٻئي ڏينهن به ڏياري جو ڏڻ ڌرمي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، مندرن ۾ پوڄا پاٽ سان گڏ مختلف هنڌن تي تقريبون منعقد ڪري  رام ليلا ، خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته گهرن ۾ لذيز طعام تيار ڪيا ويا آهن.

ڏياري جي ٻئي ڏينهن جي موقعي تي هندو برادري پاران مندرن ۾ خاص پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خاص پراٿنائون ڪيون پيون وڃن.

مٺي ۾ مختلف مندرن ۾ پوڄا پاٽ سلسلو جاري آهي، مک تقريب مرلي ڌر مندر ۾ منعقد ڪئي وئي آهي، جتي رام ليلا  پيش ڪئي ويندي ۽  شوالا مندر ۾ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا.

جيڪب آباد  جي جنتا هال ۾ ينگ هندو ويلفيئر ايسوسيشن پاران تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جهن ۾ ٽيبلوز، ۽ خاڪا پيش ڪرڻ سميت ميوزيڪل شو ٿي رهي آهي.

لکي غلام  شاهه ، باڊهه  ۽ ٻين شهرن ۾ هندو برادري پاران ڏياري جي ٻي ڏينهن تي تقريبون منعقد ڪيون آهن ۽ مندرن ۾ پوڄا پاٽ جو سلسلو جاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*