ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست تي

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، وسيم اختر 12 مئي سانحي بابت دستاويز عدالت ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته 12 مئي سانحي جي چئني ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وڃي نه ته پرويز مشرف ۽ ڊي آءِ جيز سميت ٻين ذميوارن کي به گرفتار ڪيو وڃي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 12 مئي سانحي جي چئن ڪيسز ۾ وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پاران 12 مئي سانحي بابت وڊيو رڪارڊ ۽ ٽاڪ شوز جي ريڪارڊنگ پيش ڪئي وئي.

وسيم اختر به 12 مئي سانحي بابت دستاويز عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته ضمانت سندس حق آهي، جيڪڏهن کيس ضمانت نٿي ڏني وڃي ته پرويز مشرف ۽ ڊي آءِ جيز سميت 12 مئي سانحي ۾ ملوث ٻين ذميوارن کي به گرفتار ڪيو وڃي.

هن چيو ته 9 سال گذرڻ چڪا آهن پر اڃا تائين حتمي چالان جمع نه ڪرايو ويو آهي، سندس خلاف ڪوڙا گواهه آندا پيا وڃن.

سرڪاري وڪيل چيو ته وسيم اختر پوليس سامهون پنهنجو ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي.

عدالت ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*