صنعت واري وزير صوبائي وزير منظور وساڻ نئون خواب ڏسي ورتو آهي

manzor wASSAN KHI

صنعت واري وزير صوبائي وزير منظور وساڻ نئون خواب ڏسي ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن قرباني ضرور ڏيندي، ن ليگ جو نئون وزيراعظم وفاقي ڪابينا مان ئي هوندو.

ڪراچي ۾ چيني سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته وڏي عيد ۾ به 3 قربانيون ٿينديون آهن، ملڪ ۾ به 3 قربانيون ضرور ٿينديون، جن مان هڪ ٿي وئي آهي، وڌيڪ ٻن قربانين جو انتظار ڪيو وڃي.

هن چيو ته خواب ڏٺو آهي ته ن ليگ جو نئون وزيراعظم وفاقي ڪابينا مان هوندو پر چوڌري نثار جو وزيراعظم ٿيڻ ممڪن ناهي.

پرويز رشيد جي برطرفي بابت سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪڍڻو هوندو آهي ته ان لاءِ بهانو کپندو آهي، ڊان ليڪس به هڪ بهانو آهي، جڏهن وزيراعظم تبديل ٿيو ته ڊان ليڪس مان به حڪومت جي جان ڇُٽي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*