خانپور مهر ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو

kanpur pro

خانپور مهر ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ٺڪراٺو ۾ گذريل ڏينهن عطائي  ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويل نوجوان جميل ميگهواڙ جي وارثن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

    احتجاج ڪندڙن جو  چوڻ هو ته گذريل ڏينهن نوجوان جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽرز کيس غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن ڪري نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

هنن چيو ته عطائي ڊاڪٽر خلاف پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري، جنهن سبب هو مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهن.

 احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو  ته عطائي ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*