دادو ۾ برطرف ٿيل استادن بحاليءَ لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

dadu pro

دادو ۾ برطرف ٿيل استادن بحاليءَ لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، برطرف استادن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کين بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.

دادو ضلعي جي50 برطرف پرائمري، جونيئر، ۽ هاءِ اسڪول جي ٽيچرز  اياز ٻٻر ۽  برڪت چانديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

استادن جو چوڻ هو ته کين  2007 ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ کين  بنا جواز نيڪالي ڏني وئي .

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*