اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڊاڪٽر عارف علوي ۽ عمران اسماعيل وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن بعد ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو

Arif-Alvi-311016

اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڊاڪٽر عارف علوي ۽ عمران اسماعيل کي گرفتار ڪري ورتو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن بعد ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو.

ڪراچي مان پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عارف علوي ۽ عمران اسماعيل بني گالا وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ٻنهي اڳواڻن کي روڪي ورتو، جنهن تي  ٻئي اڳواڻن بني گالا ويجهو ئي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي کين ڌرڻو ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪار تي اهلڪار ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪري پوليس وين بدران نجي وين ۾ کڻي ويا.

عارف علوي جو چوڻ هو ته پوليس سندن هڪ به نه ٻڌي، اهلڪارن جي تشدد سبب هو زخمي به ٿيو آهي، هڪ چونڊيل نمائندي سان اهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي ته پوءِ عام ماڻهو جو ڪهڙو حشر هوندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي نوٽيس بعد ڊاڪٽر عارف علوي ۽ عمران اسماعيل کي آزاد ڪيو ويو.

ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شيرين مزاري کي به بني گالا وڃڻ کان روڪيو، جنهن بعد هوءَ پنهنجي گاڏي مان لهي پنڌ بني گالا رواني ٿي وئي.

شيرين مزاري جو چوڻ هو ته پوليس گذريل ڏينهن به کيس روڪيو هو، ان ڪري هوءَ گاڏي مان لٿي ۽ رنڊڪون ختم ڪري پنڌ بني گالا رواني ٿي وئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*