پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڪارڪنن سان گڏ پش اپس هڻي 2 نومبر تي اسلام آباد

Imran-Khan-311016

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڪارڪنن سان گڏ پش اپس هڻي 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي جي تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، نالي واري راڳي  سلمان احمد ۽ ٻين بني گالا ۾ پش اپس لڳائي ڪارڪنن جو جوش ٻيڻو ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، عمران خان 50 پش اپس هنيا ۽ راڳي سلمان احمد رڳو 20 اپس هڻي سگهيو، جڏهن ته جهانگير ترين پاسيرو ٿيڻ کي مناسب سمجهيو.

عمران خان ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هـــــُـو پاڻ کي جسماني  طور فٽ رکڻ لاءِ صبح ساجهر پش اپس لڳائڻ شروع ڪري ڇڏين…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*