سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ڪندڙ پرويز رشيد کان وڌيڪ طاقتور هو

atizaz-ahsan-12-4-16

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ڪندڙ پرويز رشيد کان وڌيڪ طاقتور هو، نواز ليگ پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو، معاملي جي اڻڌري جاچ ڪئي وئي ته اصل ذميوار سامهون اچي ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته نواز حڪومت قومي سلامتي واري پاليسي کي غلط استعمال ڪري ڪمزور ماڻهن مٿان ظلم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پرويز رشيد قومي سلامتي واري خبر ليڪ ٿيڻ جو اصل ذميوار ناهي، جنهن شخص اها خبر ليڪ ڪئي اهو اڳوڻي وفاقي وزير کان وڌيڪ طاقتور هو.

سندس چوڻ هو ته نواز حڪومت پرويز رشيد کي قرباني جي ٻڪرو بڻايو، جيڪڏهن پرويز رشيد خبر کي روڪي ها ته کانئنس سخت پڇاڻو ڪيو وڃي ها.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته نواز حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي.

هن چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻا لڳا جن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرايو ويو، پر نواز شريف عمران خان سان ذاتي جنگ وڙهي رهيو ۽ نقصان جمهوريت کي پهچي رهيو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*