بلديا اعليٰ حيدرآباد ۾ 30 سالن جي عرصي بعد پهريون ڀيرو پ پ جا جهنڊا ۽ بينر لڳايا ويا

hyd baldia ppp

بلديا اعليٰ حيدرآباد ۾ 30 سالن جي عرصي بعد پهريون ڀيرو پ پ جا جهنڊا ۽ بينر لڳايا ويا، ميئر حيدرآباد سي بي اي اڳواڻن کي تقريب منعقد ڪرڻ کان روڪيندي جناح هال سيل ڪرائي ڇڏيو.

سي بي اي جي اڳواڻ اڪرم راجپوت سميت ٻين عهديدارن ۽ ملازمن پ پ جي سينيٽر عاجز ڌامراه، عرفان گل مگسي ۽ ٻين اڳواڻن جي موجودگي ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

سي بي اي اڳواڻ ۽ ٻين عهديدارن جي پ پ ۾ شموليت کانپوءِ 30 سالن بعد پهريون ڀيرو بلديا اعليٰ حيدرآباد ۾ پ پ جا جهنڊا ۽ بينر لڳايا ويا.

ميئر حيدرآباد طيب حسين سي بي اي اڳواڻن کي تقريب منعقد ڪرڻ کان روڪيندي بلديا اعليٰ جو جناح هال سيل ڪرائي ڇڏيو.

ميئر حيدرآباد جو چوڻ هئو ته بلديا اعليٰ جي جناح هال ۾ ڪنهن کي به سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*