ٽنڊو ڄام ۾ پي ٽي آءِ پاران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ پنجاب پوليس جي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tandojm pti

ٽنڊو ڄام ۾ پي ٽي آءِ پاران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ پنجاب پوليس جي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪن ڊاڪٽر مستنصر بالله، انيسه ولي الله، شاهنواز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪرپشن جا پول پڌرا ٿيڻ ۽ اسلام آباد جي ڌرڻي جي ڊپ کان بوکلائجي انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته نواز سرڪار پنجاب پوليس ۽ انتظامي مشينري جي مدد سان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار ڪري عوامي سيلاب کي نٿو روڪي سگهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*