سيوهڻ ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ رهتن جي آڙ ۾ گهرن تي چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو

sehwan

سيوهڻ ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ رهتن جي آڙ ۾ گهرن تي چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين محمد بخش رند، مصطفيٰ ميمڻ، ابراهيم چانڊيو، اڪبر ملاح، منظور سومرو، دودو بڙدي، علي نواز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيسڪو انتظاميا 6 ڪلاڪن مان وڌائي 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته شهرين ڏانهن بجلي جا واڌو بل موڪلي پريشان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته رهتن جي آڙ ۾ گهرن تي چڙهايون پڻ معمول بڻيل آهن.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪري واڌو بل موڪلڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته حيسڪو خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*