لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن قتل ڪيس جي جاچ نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkan brothers

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن قتل ڪيس جي جاچ نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نوجوان جي قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

نئون ديرو ۾ هڪ نئين ٺهندڙ عمارت تان ڪري فوت ٿي ويل نوجوان مختيار بوزدار جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوجوان پورهيت مختيار بوزدار جي وارثن دانهيندي چيو ته، پورهيت هڪ ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪندو هو ۽ ڪم ڪرڻ دوران عمارت تان ڪري زخمي ٿي پيو هو جنهن کي چانڊڪا اسپتال داخل ڪيو هو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مختيار بوزدار اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ته ٺيڪيدار شاهنواز ڀٽي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون.

هنن چيو ته هاني ٺيڪيدار ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، کين شڪ آهي ته سندن نوجوان ڪم دوران عمارت تان حادثاتي طور نه ڪريو هو پر کيس ڪيرايو ويو جيڪو بعد ۾ اسپتال اندر علاج دوران فوت ٿي ويو هو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ٺيڪيدار شاهنواز ڀٽي کي به جاچ ۾ شامل ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*