پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ ايم اين اي شيرين مزاري کي ماسي مصيبتي قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان سموري قوم کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي

RanaSanaullah-311016

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ ايم اين اي شيرين مزاري کي ماسي مصيبتي قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان سموري قوم کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي جمهوريت نه ڊي ريل ٿي وڃي، حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري پئي اهو رد عمل آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ اڄ ڪٿي به مظاهرو نه ٿيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جا هزارين نه پر رڳو 383 ڪارڪن گرفتار ڪيا آهن.

شيرين مزاري کي ماسي مصيبتي قرار ڏيندي راڻا ثناءُ لله چيو ته شيرين مزاري گذريل ڏينهن ۽ اڄ به قانون جي عملدارن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌا آهن.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عمران خان پاران اڄ لاهور کي به بند ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*