حڪومت سٺن طالبان کي سرگرميون ڪرڻ ڏئي رهي آهي پر کيس ۽ عمران خان کي روڪيو پيو وڃي, پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-311016

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي ضياءِ الحق جو سياسي پٽ ۽ پاناماشريف قرار ڏيندي چيو آهي ته  نواز شريف منهنجو ۽ عمران جو نه پر طالبان جو وزير اعظم آهي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ شو نارائڻ مندر ۾ ڏياري جي تقريب ۾ شرڪت  بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سٺن طالبان کي سرگرميون ڪرڻ ڏئي رهي آهي پر کيس ۽ عمران خان کي روڪيو پيو وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته وزير اعظم ۽ وفاقي گهرو وزير مان هڪ شخص ملڪ سان سچو ناهي ۽ اسلام آباد جي صورتحال تي چوڌري نثار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي ضياءِ الحق جو سياسي پٽ ۽ پاناماشريف قرار ڏيندي چيو ته  نواز شريف منهنجو ۽ عمران جو نه پر طالبان جو وزير اعظم آهي.

هن چيو ته اپوزيشن جو پاناما بل منظور ڪيو وڃي، احتساب کانسواءِ ملڪ نه هلي سگهندو.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان جمهوريت ۽ امن پسند آهيون، سڀ پاڪستاني ۽ سڀ مسلمان دهشتگرد نه آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مودي سرڪار اسان جي جوانن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارت جي سازشن جي ڪاميابي اسان جي ناڪامي آهي.

بلاول چيو حڪومت اسان جا 4 مطالبا تسليم ڪري ، ملڪ ۾ جمهوريت، عدليا ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*