تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته نوازشريف هڪ نئون شيخ مجيب پيدا ٿيو آهي

naeem ul haq

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته نوازشريف هڪ نئون شيخ مجيب پيدا ٿيو آهي، ڌرڻي جي شيڊيول ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي ۽ نه ئي ڪنهن عدالت ڌرڻي کان روڪيو آهي.

پاناما ليڪس بابت درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ  سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون اڳ ئي ٿي چڪو آهي، شهباز شريف خيبر پختونخواه کي پاڪستان کان الڳ ڪيو.

هن چيو ته ڌرڻي جي پروگرام ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي، ڪنهن به عدالت احتجاج واري حق کان نه روڪيو آهي ۽ نه ئي ڪا بندش لڳائي وئي آهي.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن لاءِ ٽي او آرز گهريا آهن، وزيراعظم، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کان عدالت جواب طلب ڪيو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم 5 اپريل تي چيو هو ته هــُو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ٿو پر قوم جا 7 مهينا ضايع ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*