جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جي هٺ ڌرمي وفاق کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي
جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جي هٺ ڌرمي وفاق کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.ڊبل شاهه واري سياست کي رد ڪيون ٿا.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته احتساب موجوده حڪمرانن کان شروع ڪيو وڃي، حڪمران چاهين ٿا ته احتساب 1947 واري قانون تحت ٿئي جنهن تحت سال لڳي ويندا.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ اچڻ جو مقصد سياستدانن جو عدالتن تي اعتماد آهي، حڪومت جي هٺ ڌرمي وفاق کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.