سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ پاسبان اڳواڻ عثمان معظم جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اي ٽي سي کي ٻن مهينن اندر ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردن جو مبينا علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني، پاسبان اڳواڻ عثمان معظم پيش ٿيا، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل لطيف کوسا عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا ويا آهن، سندس مئوڪل بيمار آهي ۽ ڊاڪٽرز  به علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾سندس حياتي کي خطرو قرار ڏنو آهي.

رئوف صديقي ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن پڻ عدالت ۾ دليل ڏيندي جوابدارن خلاف ثبوت هٿ نه اچڻ سبب ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت چئني جوابدارن جي 5-5 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 عدالت جوابدارن کي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  اي ٽي سي کي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مهينن اندر مڪمل ڪري فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل لطيف کوسا عدالتي فيصلي کي انصاف جي فتح قرار ڏيندي چيو ته   ڪيس ۾ ڪابه جان ناهي، انڪري ان کي ختم ٿيڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ جي ڌرڻي بابت ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته نواز ليگ سرڪار مظاهرين تي رياستي تشدد ڪري پنهنجي نااهلي جو چٽو ثبوت ڏنو آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان کان اڳ پاڻ ئي اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*