حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج ملتوي ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي اسلام آباد

nawaz or nisar

حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج ملتوي ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي اسلام آباد جا سمورا کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڪجهه دير اندر اهم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب، گهرو وزير چوڌري نثار وزير اعظم نواز شريف کي تحريڪ انصاف جي احتجاج ملتوي ڪرڻ واري اعلان بابت آگاهه ڪيو.

ٻئي پاسي گهرو وزارت موجب، چوڌري نثار ڪجهه دير ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت عوام کي اعتماد ۾ وٺندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*