عمرڪوٽ ۾گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن پنهنجي زالن کي مار ڪُٽ ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

umerkot tashadud

عمرڪوٽ ۾گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن پنهنجي زالن کي مار ڪُٽ ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، عورتون تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويون، پوليس جو چوڻ آهي ته عورتن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪلال پاڙي ۾ مڙسن گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀينرن سنيتا ۽ ريکا کي تشدد ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ عورتون ٿاڻي تي پهتيون.

عورتن جو چوڻ هو ته مڙس گهرو تڪرار تان کين تشدد جو نشانو بڻائيندا رهندا آهن ۽ هاڻي مٿن وحشياڻو تشدد ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

عورتن تي تشدد خلاف پاڙي وارن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

هنن چيو ته جوابدارن عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن بعد هو گهران نڪتيون ته پاڙي وارن کين بچائي ورتو ۽ تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورتن جي فرياد تي جئـه ديو ڪلال، اوم پرڪاش ڪلال ۽ سهري پشو مل ڪلال تي  تذليل ۽ تشدد جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*