صحت کاتي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، صحت کاتي ٽيم لاڙڪاڻو

dokri

صحت کاتي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، صحت کاتي ٽيم لاڙڪاڻو، ڏوڪري ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڇاپا هڻي 10 کان وڌيڪ ڪلينڪس سيل ڪري چئن عطائي ڊاڪٽرن کي حراست ۾ ورتو ويو، لاڙڪاڻي شهر ۾ ٻن ڏينهن دوران سيل ڪيل ڪلينڪس جو انگ 15 ٿي ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي گڙدن واري وارڊ ۾ ڊائلاسز مشينن ذريعي مبينا طور تي ايڊز جو وائرس پکڙجڻ واري معاملي بعد ڪمشنر لاڙڪاڻو جي هدايتن تي لاڙڪاڻو ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن جي مختلف شهرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود ڀٽو جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي عملدارن سان گڏجي شهر جي مراد واهڻ، الله آباد ۽ کچي پاڙي سميت مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس تي ڇاپا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران چئن ڪلينڪس کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن ڏينهند دوران شهر ۾ سيل ڪيل ڪلينڪس جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.

ڏوڪري ۾ پڻ اسسٽنٽ ڪمشنر يار علي شاهه ڇاپا هڻي چار ڪلينڪس سيل ڪرائي ڇڏيون، جڏهن ته ڇاپن دوران عطائي ڊاڪٽر ڀڄي ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي ايڇ او ۽ مختيارڪار پوليس ساڻ ڪري مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي  ڇاپا هنيا،

ڪاروائي دوران عطائي ڊاڪٽرن جون 20 کان وڌيڪ ڪيلنڪس سيل ڪيون ويون، جڏهن ته ان دوران عطائي ڊاڪٽر ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*